ڊگهو ساهه کڻڻ جا حيران ڪندڙ فائدا

صحت جي ماهرن چيو آهي ته ڊگهو ساهه کڻڻ هڪ سادو پر اثرائتو طريقو آهي، جيڪو نه رڳو ذهني سڪون فراهم ڪري ٿو پر مجموعي صحت کي به بهتر بڻائي ٿو.
هڪ رپورٽ موجب اهو عمل جسم ۾ ڪيتريون ئي هاڪاري تبديليون آڻي ٿو، جنهن ۾ مدافعتي نظام جي مضبوطي ۽ هاضمي جي نظام جي بهتري شامل آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊگهو ساهه کڻڻ سان ذهني دٻاءُ ۽ بيچيني گهٽجندي آهي، جڏهن انسان دٻاءَ ۾ هوندو آهي ته ڊگهو ساهه کڻڻ پيراسيمپيٿٽڪ نروس سسٽم کي متحرڪ ڪندو آهي، جيڪو جسم کي پرسڪون بڻائيندو آهي ۽ فائٽ يا فلائٽ ردعمل کي گهٽ ڪندو آهي.
ان سان بلڊ پريشر گهٽجندو آهي، دل جو ڌڙڪو متوازن ٿيندو آهي ۽ سڪون جو احساس وڌندو آهي.
ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ به اهو فائديمند ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان سان ڦڦڙ وڌيڪ کُلندا آهن ۽ آڪسيجن بهتر نموني حاصل ٿيندي آهي.
ان کانسواءِ ڊگهو ساهه بهتر ننڊ ۾ به مددگار آهي، جيڪي ماڻهو ننڊ جي مسئلن جو شڪار آهن، اهي سمهڻ کان اڳ ان مشق ذريعي جسم کي پرسڪون بڻائي سگهن ٿا.
ڊگهو ساهه کڻڻ لاءِ ماهر سادو طريقو تجويز ڪندا آهن، جيئن آرام ده حالت ۾ ويهڻ يا ليٽڻ، ڪُلهن کي ڌرو رکڻ، نڪ ذريعي هوريان هوريان ۽ ڊگهو ساهه کڻڻ، ڪجهه سيڪنڊ روڪڻ ۽ پوءِ وات ذريعي هوريان هوريان خارج ڪرڻ، ان عمل کي ڪجهه منٽن تائين ورجائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.