پي ايس ايل، حيدرآباد موومينٽم پڪڙي ورتو آهي، ايليمنيٽر کٽي ويندي: عمرگل

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر ۽ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ عمر گل چيو آهي ته پي ايس ايل 11 جي ايليمنيٽر ٽو ۾ حيدرآباد ڪنگز مين سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهي ٿي.
عمر گل پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جمعي رات قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ حيدرآباد ڪنگز مين ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي وچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد آهي، حيدرآباد مسلسل چئن ناڪامين کانپوءِ زبردست انداز ۾ ٽورنامينٽ ۾ واپسي ڪئي ۽ ان سٺو موومينٽم پَڪڙي ورتو آهي.
هن چيو ته ڪنهن هڪ رانديگر جي سٺي ڪارڪردگي ذريعي به ٽيم تي بهترين اثر پوندا آهن، بيٽنگ ۾ سٺي ڪارڪردگي سان گڏ حيدرآباد ڪنگز مين جي بالنگ به بهتر ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.