پهرين مئي صرف هڪ تاريخ ناهي، پر اها پورهيتن جي رت سان لکيل داستان آهي، جنهن سرمائيداراڻي نظام جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جڏهن پورهيت طبقو متحد ٿيندو آهي ته اهو پنهنجي رت سان هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏيندو آهي.
مزدورن جي هيءَ جاکوڙ اسان کي سبق ڏئي ٿي ته ظلم ھڪ حد تائين برداشت ڪري سگهي ٿو ، پر جڏهن مظلوم جي صبر جو پيمانو لبريز ٿيندو آهي، ته اها هڪ چنگاري بڻجي ويندي آهي. جڏهن اها چنگاري باهه جو روپ اختيار ڪندي آهي، ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت ان جي اڳيان بيهي ناهي سگهندي. اڄ دنيا ۾ اهي ئي ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهن، جتي هارين ۽ مزدورن پنهنجي حقن لاءِ ڊگهي ۽ صبر آزما جدوجهد ڪئي آهي.
اڄ دنيا جي نقشي تي شايد اسان کي ڪا مثالي سوشلسٽ رياست نظر نه اچي، پر ان جو مقصد هرگز اهو ناهي ته نظريو ختم ٿي ويو آهي. تحريڪون اڄ به ان ئي جوش ۽ جذبي سان موجود آهن. اها باهه اڄ به پورهيتن جي دلين ۾ دکي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت هڪ وڏو ڌماڪو ڪري هن وحشي ۽ ظالم نظام کي پڄاڻي تي پهچائي سگهي ٿي. هڪ اهڙي سوشلسٽ سماج جو قيام هاڻي وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي، جتي:
پورهيت کي پنهنجي پگهر جو پورو اجورو ملي.
هاريءَ کي پنهنجي محنت جو ڦل ملي.
سماج جو پيڙهيل طبقو آزاد ٿئي.
اها ويڙهه صرف مزدور يا هاريءَ جي ناهي، پر ان ۾ وچولي طبقي جو ماڻهو به برابر جو شريڪ آهي. اڄ جو وچولو طبقو به ان ظالم نظام جي چڪي ۾ پيسي رهيو آهي. هڪ صحيح معنيٰ ۾ انساني زندگي گذارڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسين سڀ گڏجي ان جاکوڙ جو حصو بڻجون. ياد رکڻ گهرجي ته حق ڪڏهن به خيرات ۾ ناهن ملندا. ان لاءِ بي پناهه قربانين ۽ هڪ اڻ کٽ سفر جي ضرورت هوندي آهي. جيستائين هي جدوجهد جاري رهندي، تيستائين هڪ نئين، روشن ۽ برابري واري سماج جي اميد زنده رهندي.
هن جدوجهد ۾ اسان جي بيشمار سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پڻ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن. اسان کي پورو يقين آهي ته نه صرف شڪاگو جي شهيدن جو رت رنگ لائيندو، پر هن حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندڙ اهي تمام مسافر، جن جو قافلو ڪڏهن به رڪجڻ وارو ناهي، پنهنجي منزل کي ضرور ماڻيندا. هڪ ڏينهن اهي سڀ گڏجي شڪاگو جي شهيدن وارو اهو ئي سرخ جهنڊو، جيڪو هنن شروعات ۾ کنيو هو، ٻيهر اوچو ڪندا. اهو جهنڊو نه صرف ڪنهن هڪ خطي لاءِ پر پوري دنيا لاءِ امن، اميد ۽ هڪ نئين صبح جو پيغام ثابت ٿيندو.”