پورهيت جو پٽ اي ايس پي بڻجي ويو

بدين(عوامي آواز نيوز)لاڙ جي پورهيت جو پٽ جيوڻ ريٻاري سي ايس ايس امتحان پاس ڪري اي ايس پي بڻجي ويو،جيوڻ ريٻاري چيو ته مون سي ايس ايس 2025ع جو امتحان پاس ڪيو آهي مون کي پنهنجي پسنديده گروپ پوليس سروس آف پاڪستان ۾ ايلوڪيشن ملي آهي،مون لفظ ناهن جو هن خوشي جو اظهار ڪريان،هن چيو ته ان سڄي سفر ۾ منهنجي والدين ٿورا وسيلا هوندي  به منهنجي مدد ڪئي،ٻين دوستن،مٽن مائٽن به مشڪل حالتن ۾ سپورٽ ڪيو،آخر ۾ ٻين نوجوانن لاءِ اهو پيغام آهي ته اهي محنت ڪندا رهن،ڪاميابي ضرور انهن جا قدم چمندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.