حيدرآباد/لنڊن( رپورٽر+پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي لنڊن ۾ سنڌي ايسوسئيشنس آف جاپان، عمان، اٽلي ۽ آمريڪي سنڌين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ سالميت تي ڪا به سوديبازي قبول نه آهي. سنڌ صرف هڪ جاگرافيائي يونٽ يا صوبو نه پر هزارين سالن جي تهذيب، ٻولي ۽ گڏيل شعور جو نالو آهي،هن چيو ته سنڌ کي ورهائڻ يا ان جي ڪنهن به حصي کي مقامي حڪومتن يا اختيارن جي ھيٺين سطح تي ورڇ جي نالي ۾ الڳ ڪرڻ واري سوچ نه رڳو تاريخي حقيقتن جي ابتڙ آهي، پر عوامي امنگن جي بهتوهين آهي. سنڌ جي وحدت تي هر قسم جي حملي کي سنڌي قوم جي گڏيل مزاحمت سان منهن ڏينداسين.هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، ۽ دل کي جسم کان ڌار ڪرڻ جو خيال غير فطري ۽ غير جمهوري آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪي چون ٿا ته اسان جو مطالبو “بااختيار مڪاني نظام” آهي، سي بدقسمتي سان، ڄاڻي واڻي دھشتگردن جا ترجمان بڻجي، هن مطالبي کي استعمال ڪري، ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي ڪوششن سان ڳنڍيل ثابت ٿين ٿا،هن چيو ته سنڌ جي ورهاست جي حمايت ڪندڙ دليل ڏين ٿا ته انتظامي سڌارن يا بهتر گورننس لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن. پر حقيقت اها آهي ته مسئلن جو حل ورهاست نه، پر احتساب، ڪرپشن جو خاتمو، بهتر حڪمراني، شفافيت، برابري ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ۾ آهي.