عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه 2022ع کانپوءِ بلند ترين سطح تي

نيويارڪ(عوامي آواز نيوز) عالمي منڊي ۾ خام تيل جون قيمتون اوچتو وڌي ويون آهن ۽ برينٽ خام تيل جي في بيرل قيمت 126 ڊالر کان به مٿي هلي وئي آهي، جيڪا 2022ع ۾ روس طرفان يوڪرين تي حملو کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سطح قرار ڏني پئي وڃي۔رپورٽن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهيون تعطل جو شڪار آهن، جڏهن ته اهم سامونڊي گذرگاهه آبناءِ هرمز عملي طور بند هجڻ سبب  عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي۔تقريبن ست سيڪڙو واڌ کانپوءِ برينٽ خام تيل 126 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت به 2.3 سيڪڙو اضافي سان لڳ ڀڳ 109 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي۔ماهرن موجب جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ته عالمي معيشت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻارڻ جي اگهن تي وڌيڪ دٻاءُ پئجي سگهي ٿو۔

ڪراچي ۾ سخت گرمي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ واڌ

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران اعلانيل ۽ بنا اعلان جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔شهر جي مختلف علائقن ۾ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو مدو 12 ڪلاڪن کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيترن ڪلاڪن تائين بنا اعلان بجلي بند رکڻ جون شڪايتون پڻ سامهون اچي رهيون آهن۔گارڊن، لياري، نارٿ ڪراچي،نيو ڪراچي ملير ڪورنگي ۽ اورنگي سميت ڪيترن علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آهي، جڏهن ته   منگھوپير،سرجاني، سهراب ڳوٺ، بلديه ٽائون ۽ ملير ۾ به بجلي جي بندش برقرار آهي۔رپورٽن موجب شهر جي مستثنيٰ قرار ڏنل علائقن ۾ به ڪيترن ڪلاڪن جي بنا اعلان لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جنهن سبب ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگرد پڻ پريشان آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.