سنڌ:هندو شاگردن لاءِ وڏو فيصلو، نصاب ۾ ٽي مذهبي ڪتاب شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي تعليم کاتي هندو شاگردن لاءِ مذهبي تعليم کي باظابطا نصاب جو حصو بڻائي ڇڏيو.
تعليمي کاتي موجب، ٽئين کان پنجين درجي تائين هندو مذهب جا 3 ڪتاب نصاب ۾ شامل ڪيا ويندا.
صوبائي تعليمي کاتي جو چوڻ آهي ته تعليمي سال 2026-27 کان سرڪاري اسڪولن ۾ هندو شاگردن کي مذهبي ڪتاب پڙهايا ويندا.
صوبائي تعليم کاتي موجب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ايندڙ سال ڪتابن جي اشاعت لاءِ بجيٽ مختص ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.