وڏي وزير موٽرسائيڪل سوارن لاءِ ٻه هزار ماهيوار فيول سبسڊي جو مدو وڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ اهم اعلان ڪيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير موٽرسائيڪل مالڪن لاءِ مقرر ڪيل فيول سبسڊي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، موٽرسائيڪل جي فيول سبسڊي جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي.
وڏي وزير چيو ته موٽرسائيڪل مالڪن کي ڏنل سبسڊي جاري رهندي، موٽرسائيڪل مالڪ سنڌ حڪومت جي سبسڊي مان وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
واضح رهي ته وڏي وزير پيٽرول جي وڌندڙ اگهن جي ڪري في موٽرسائيڪل 2000 رپين جي سبسڊي ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.