اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وچ اوڀر مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان چيو ته پاڪستان جي جنگ بندي جي اپيل کانپوءِ ٻنهي ڌرين طرفان سيزفائر قبول ڪيو ويو، سيزفائر سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آئي ۽ سفارتي عمل لاءِ دڳ کليو، جنگ بندي جي نتيجي ۾ حملا روڪيا ويا، قيمتي جانيون بچيون ۽ انفرااسٽرڪچر کي نقصان کان محفوظ رکيو ويو.
ترجمان چيو ته جنگ بندي سان ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو، اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ سفارتي رابطن ۽ ڳالهه ٻول جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان ٻنهي ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي.
ترجمان موجب، پاڪستان واضح ڪيو آهي ته سفارتڪاري جو عمل جاري آهي، مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون، پاڪستان هرمز پٽي کي عالمي واپار ۽ توانائي جي رسد لاءِ اهم گذرگاهه قرار ڏنو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جهازن جي محفوظ اچ وڃ تي زور ڏئي ٿو، آبناءِ هُرمز ۾ ڇڪتاڻ جا عالمي معيشت تي اثر پئجي رهيا آهن، ان جي معمول تي بحالي ضروري آهي.