ڪي فور رٿا ٻيهر ناڪام، ٽئنڪر مافيا جو راڄ برقرار رهندو

ڪراچي(ڪامران  خان)ڪراچي پاڻي جو بحران وڌيڪ شديد ٿي ويو، ڪي- فور منصوبو ٻيهر ناڪام اها ڪا نئين خبر ناهي ته اڄ به ڪراچي جا لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ شهري پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پر سڀ کان وڌيڪ ڏک واري ڳالهه اها آهي ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين به اها صورتحال جاري رهڻ جو امڪان آهي. جيڪي اميدون ۽ آسرا هئا، اهي به هاڻي ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.پاڻي جي وڏن منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي جون ڪهاڻيون به سامهون آنديون ويون، پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو.20 سالن کان وڌيڪ وقت کان K-4 منصوبو هلندو پيو اچي، پر ڪراچي    کي اڃا تائين “شهباز اسپيڊ” جي ضرورت آهي.وزيراعظم چيو هو ته ڪراچي ۾ پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿي ويندو، ٽينڪر ختم ٿي ويندا، ۽ هر گهر ۾ نلڪن مان پاڻي ايندو. پر اڄ تائين اهو واعدو پورو نه ٿيو.2004 ۾ شروع ٿيندڙ K-4 منصوبو، جنهن جو مقصد ڪينجهر ڍنڍ مان روزانو 650 ملين گيلن پاڻي ڪراچي آڻڻ هو، اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.هي منصوبو حڪومتن جي اعلانن، بدانتظامي ۽ نااهلي جي نذر ٿي ويو آهي.2016۾ ڪم شروع ٿيو، پر ناقص ڊيزائن سبب اربين رپيا ضايع ٿيا، جنهن جو اعتراف به ڪيو ويو.2020۾ وفاقي حڪومت منصوبي کي پنهنجي نگراني ۾ ورتو، ۽ 2022 ۾ ٻيهر شروع ڪيو ويو، پر حالتون اڃا به بهتر نه ٿيون.هاڻي صرف 15 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو آهي، جڏهن ته ڊيڊ لائين ڊسمبر 2025 هئي.ورلڊ بينڪ جي ماهرن منصوبي جي ڪم کي غير معياري ۽ ناقص قرار ڏنو آهي، ۽ ڪجهه حصن کي ٻيهر اکيڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پائپ لائين جي معيار تي به سنگين سوال اٿاريا ويا آهن. ويلڊنگ ٽيسٽ مڪمل نه ٿي، ۽ صرف جزوي جاچ ڪئي وئي آهي.ماهرن موجب پائپ لائين جي ٿولهه معيار مطابق ناهي، جنهن سان زنگ لڳڻ جو خطرو آهي.ڪراچي ۾ روزاني 1200 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي، پر دستياب پاڻي ان کان تمام گهٽ آهي.شهرين کي پاڻي لاءِ ٽينڪرن تي ڀاڙڻو پوي ٿو، جتي مهانگو پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو.منصوبي ۾ لڳل پائپ لائين 96 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، پر اهم حصن تي ڪم سست رفتار سان هلي رهيو آهي.روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ به سخت متاثر ٿي آهي، ۽ علائقن ۾ تباهي جا آثار نظر اچن ٿا.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪم اهڙي طريقي سان جاري رهيو ته منصوبو ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 30 اپريل  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.