ڄامشوري جي شاگردياڻين جون اسڪول وڃڻ لاءِ زندگيون داءُ تي

ڄامشورو(عوامي آواز نيوز) پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ، ڄامشوري جون ڄامشوري جي مختلف علائقن ۾ شاگردياڻيون اسڪول  وڃڻ لاءِ زندگي داءَ تي لڳائڻ لڳيون، نياڻين جي سوزوڪين تي لٽڪي اسڪول وڃڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي، وڊيو ۾ نياڻين کي اسڪولي ڊريس ۾سوزوڪي تي لٽڪي اسڪول ويندي ڏسي سگهجي ٿو، معصوم شاگردياڻين طرفان تعليم خطر خطرناڪ طريقي سان زندگيون داءُ تي لڳائيندي اسڪول وڃڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ته پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون آهن، معصوم نياڻين کي اسڪول وڃڻ لاءِ ڪي خاص قدم ناهن کنيا ويا، ايئن نياڻين سان ڪو وڏو واقعو پيش اچي سگهي ٿو، ڄامشوري جي انتظاميا ۽ حڪومت کي قدم کڻي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ سفري سهولت مهيا ڪئي وڃي، وائرل وڊيو تي هڪ نوجوان ڪمينٽ ڏنو ته ھي نياڻيو يوسي پيٽارو جي ڳوٺ پيٽارو جون آھن، ڳوٺ ۾ ماسترياڻين جي غير حاضر رھڻ ڪري نياڻيون ڳوٺ کان پري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لوڪل گاڏين تي اڻھانگو سفر ڪرڻ تي مجبور آهن، هڪ واهپيدار لکيو ته شاگردياڻن کي پيپلز گرين بس ڏني وڃي انتهائي دل ڏکوئيندڙ وڊيو آھي، نياڻيون ڪيتري تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻارن کي ڪا به سھولت نه اسڪول ۾ نه اسڪول کان ايندي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.