اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ججن کي عملي طور سرڪاري ملازم بڻايو ويو آهي۔ اڳ عدليه کي هميشه انتظاميه کان آزاد رکيو ويندو هو۔گذريل ڏينهن ٽن اهم ججن، جسٽس محسن اختر ڪياني، بابر ستار ۽ سمن رفعت امتياز جي بدلي ڪئي وئي آهي،محسن اختر ڪياني کي لاهور هاءِ ڪورٽ موڪليو ويو، بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ سمن رفعت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ موڪليو ويو۔اهي اهي جج هئا جن آءِ ايس آءِ جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت خط لکيو هو۔بابر ستار خاص طور تي ان ڪري نشاني بڻيوجو هن آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڳجهن ادارن کي جوابده بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي۔پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ججن استعيفيٰ نه ڏني آهي۔ هنن فيصلو ڪيو آهي ته هو نظام اندر رهي ڪم جاري رکندا ۽ قانون موجب فيصلا ڪندا۔