اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض بابت، جن خلاف قومي احتساب بيورو انٽرپول سان رابطو ڪري ريڊ وارنٽ جاري ڪرايا آهن۔ انهن ريڊ وارنٽن جو ڇا ٿيند و؟ ملڪ رياض بلڪل نه ايندو ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته نيب ۾ لڳ ڀڳ ٻه ٽي سالن کان هي ڪيس هلندڙ آهي ۽ اڃا به ملڪ رياض پيش ناهي ٿيو، ڇو ته هو گڏيل عرب امارات هليو ويو آهي ۽ اتي سيڙپڪاري به ڪري چڪو آهي،يو اي اي وڃڻ کانپوءِ ڪيترائي سنجيده ڪوششون ٿيون ته ڪو ٺاهه ٿي وڃي۔ ان ۾ صدر آصف علي زرداري جو وڏو ڪردار هو، گهرو وزير محسن نقوي جو به ڪردار هو، ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو به ڪردار هو، پر ڳالهه اڳتي نه وڌي۔هاڻي صورتحال اها آهي ته نيب انٽرپول ذريعي ريڊ نوٽيس جاري ڪرايا آهن۔ قانون موجب جڏهن ڪنهن شهري خلاف انٽرپول ريڊ نوٽيس جاري ڪري ٿو ته ان شخص کي انهن نوٽيسن کي چئلينج ڪرڻ جا حق حاصل هوندا آهن۔هتي هڪ ٻيو پاسو به آهي ته جنهن ملڪ ۾ اهو شخص رهي رهيو هجي، ان ملڪ جا پاڪستان سان لاڳاپا به ڏٺا ويندا آهن۔ مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو افغانستان ۾ رهي رهيو هجي ۽ انٽرپول نوٽيس جاري ڪري، ته افغانستان پاڪستان سان لاڳاپن کي به نظر ۾ رکندو۔هن وقت يو اي اي سان پاڪستان جا لاڳاپا گهڻا بهتر ناهن۔ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ بابت يو اي اي جو پنهنجو موقف رهيو ۽ هن ايران خلاف ڪاررواين جي حمايت به ڪئي هئي۔ملڪ رياض ۽ علي رياض جو ڪيس ان ڪري منفرد آهي جو هنن يو اي اي ۾ تمام وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي۔ يو اي اي جي معيشت ۾ جيڪا بهتري نظر اچي رهي آهي، اها اهڙن سيڙپڪارن جي ڪري آهي۔ هي سڄو معاملو رڳو ڏيکاءُ وارو لڳي ٿو۔ نيب چيئرمين نذير بٽ صاحب ٻئي مدي لاءِ مقرر ٿيوآهي، اهو فيصلو اڳ ئي تڪراري هو، ۽ هاڻي هو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهي ٿو