اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ خيرپور سنڌ سان واسطو رکندڙ پڙهيل لکيل نوجوان اظهر ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ملازمت ڏيڻ جي پڪ ڏياري آهي. عطا تارڙ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن اظهر ميمڻ کي پنهنجي سرڪاري ڪرسيءَ تي ويهاريو، هو ساڻس ڀاڪر پائي مليو، ان دوران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، نوجوان جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، هو ڳوڙها اگهندي ڏٺو ويو. عطا تارڙ پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته اظهر ميمڻ جي جدوجهد واري وڊيو ڏسي کيس اسلام آباد گهرايو ويو. هن نوجوان ڪراچي يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي پر بيروزگاري سبب ڏکين حالتن مان گذري رهيو هو. هن قدم کي سوشل ميڊيا تي جتي انساني همدردي جي مثال طور ساراهيو پيو وڃي، اتي ئي ڪجهه واهپيدارن پاران سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ رشوت ۽ سفارش جي ڪلچر قابل نوجوانن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ماڻهن جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان کي انفرادي مدد بدران هڪ اهڙي نظام جي ضرورت آهي، جتي وڊيو وائرل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران هر مستحق نوجوان کي ميرٽ تي روزگار ملي سگهي. پي پي پي قيادت بابت پڻ راءِ ڏني وئي ته سنڌ جي اهڙن لائق نوجوانن جي مالڪي ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت ناڪام وئي آهي. ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته عطا تارڙ سنڌ واسين جون دليون کٽي ورتيون آهن.