سنڌ جي صحافين جي پنهنجي الڳ تاريخ رهي آهي ته اهي سردارن وڏيرن ۽ پوليس جي منفي ڪردار سبب يا ته ڪٺا ويا آهن يا ڪوڙن ڪيسن ۾ باندي رکي مٿن تشدد ڪيو ويو آهي يا انهن جي معصومن جو اجهو ۽ لٽو کسڻ لاءِ انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا آهن جيڪو سلسلو هن جمهوري دور ۾ پڄاڻي تي ناهي پهتو پر جاري و ساري آهي۔ ويجهڙائي وارا سال ڏسو ته سنڌ جا نوجوان توڙي بزرگ پيشيور صحافي وڏي انگ ۾ شهيد ٿي چڪا آهن جن جي پونئيرن کي ڪو به انصاف نه مليو آهي وري به سردارن ۽ وڏيرن جي هٿ ٺوڪين عدالتن يعني جرڳن وسيلي کين ڪجهه رقم ڏنڊ طور ڀري خاموش ڪرايو ويو هوندو جن جا پونئر هن وقت به فاقا ڪشي جا شڪار آهن۔اهڙن شهيد صحافين کي پنهنجي صحافين به وساري ڇڏيو آهي جو سندن آخري ماڳن تي پهچي ٻه قل پڙهن ۽ ثواب بخشرائين۔
صحافين کي مارڻ ۽ مارائڻ وارو سلسلو اڃا ختم ناهي ٿيو هاڻ صحافين جو آواز ۽ عوامي جذبو ڪچلڻ لاءِ کين ڪوڙن ۽ هٿرادو الزامن هيٺ واڙڻ جو نئون سلسلو ڪڍيو ويو آهي جيڪو عوامي مسئلن تي گهڻو ڪڇي گهڻو وات هڻي ته ان کي کنڀيو مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪريو ظاهري جسماني ۽ ذهني تشدد ڪريو اڃا به نه مڙي ته اهڙن صحافين جي مورثي ملڪيتن تي زوري قبضا ڪيا پيا وڃن جنهن مان لڳي پيو پر ظاهر ظهور ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ انصاف ۽ قانون جون پاڙون پٽجي چڪيون آهن عدالتون به صرف چئن ڀتين جي اندر ويٺل ڪارن جبن پاتل سرڪاري ماڻهن جون شوروم بڻيل آهن جيڪي ٻڌن به ٿيون ڏسن به ٿيون پر ڪنهن به فيصلي تائين پهچي نٿيون سگهن۔
ان حوالي سان ٽيون ڏينهن ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر صحافي نذير پنهور ۽ سندس ساٿين مٿان مٿان ڦر جو هٿرادو ڪيس مڙهي ذهني عتاب هيٺ آندو ويو۔ ڪالهه حيدرآباد جي نوجوان صحافي اڳواڻ عبدالغفور سروهي کي ڀٽائي ننگر تي ويهاري مٿس ذهني تشدد ڪيو ويو ته هو پوليس خلاف ڳالهائڻ بند ڪري جنهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي جو هن حيدرآباد ۽ انجي پسگردائي ۾ ٿيندڙ ڏوهن منشيات جي وڪري خونن ۽ اغوائن جي نشاندهي ڪندو رهيو آهي خاموشي اختيار ڪرڻ کان ڪنهن به ڊيل کان جواب ڏيندو رهيو آهي۔ساڳي وقت دادو ۾ هڪ نوجوان صحافي اعجاز سمون مٿان سرعام تيزاب هاري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پوءِ به اعجاز سمون جي اک کي نقصان پهتو آهي۔اعجاز سمون پريس ڪلب دادو جو هڪ معتبر معياري سينئر ميمبر آهي ۔ماضي ۾ وڏيرن صحافين کي پنهنجي اوطاقن تي واڙي مٿن تشدد ڪيا اهڙا کوڙ سارا واقعا آهن جيڪي اخبارن ۽ چئنلن تي رپورٽ ٿي چڪا آهن۔ مان به هڪ ڊگهي عرصي کان ڏوهارين ۽ پوليس جي منفي روين کان عتاب هيٺ آهيان۔
سنڌي صحافت علم ادب ۾ سروهي خاندان جو هڪ وڏو نالو ۽ ڪردار رهيو آهي جنهن ۾ عبدالله سروهي ستار سروهي قيوم سروهي، عبدالرزاق سروهي ۽ نوجوان عبدالغفور سروهي شامل آهن جيڪي صحافت جا وڏا نالا ۽ ڪردار رهيا آهن جن نئين ٽهي جي صحافين کي سدائين مثبت پيغام ڏنو آهي۔سندن ماضي صاف شفاف رهيو آهي ڪڏهن به هنن هٿان ڪو شريف شهري سياستدان يا ڪامورو ايذائجي ناهي سگهيو نه وري ڪنهن جي دل آزاري ڪئي اٿن نه وري پاڻ ڪنهن الزام هيٺ آيا آهن۔هي پهريون ڀيرو آهي جو عبدالغفور سروهي پوليس جي عتاب جو نشانو بڻيو آهي جو هن حيدرآباد ضلعي اندر ٿيندڙ ڏوهن کي سرعام وائکو ڪيو هو۔عبدالغفور سروهي سنڌ جي صحافين خاص ڪري بزرگ صحافين جو ڀرجهلو رهيو آهي۔جعفر ميمڻ مهيش ڪمار الله بخش ڪنڀر ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي صحافين جي مسئلن تي اڳيان اڳيان رهيو خاص ڪري مونتي به سندس محبت جا هٿ رهيا آهن دادو ۽ ڪراچي پهچي مونسان ٿيل پوليس ۽ وڏيرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيا هن جي صحافت ۽ قيادت تي شڪ ڪري نٿو سگهجي۔
اسان ميرپورخاص حيدرآباد دادو ۾ صحافين مٿان ٿيل تازن مختلف واقعن تي سخت سوڳوارا آهيون سخت مذمت ڪريون ٿا۔عبدالغفور سروهي ۽ نذير پنهور سنڌ جي نوجوان توڙي بزرگ صحافين جي سونهن آسرو اميد آهن جن تي هٿرادو ڪيس داخل ڪرڻ پوليس جهڙي اعلي اداري سميت انصاف ۽ قانون سان هڪ راند آهي جيڪا بند ٿيڻ گهرجي ۔دادو جي اعجاز سمون جي زندگي به بچائڻ گهرجي۔ آءِ سنڌ پوليس ميرپورخاص حيدرآباد ۽ دادو وارن تازن واقعن جو سخت نوٽيس وٺي صحافين کي تحفظ ڏئي۔