ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته پشاور زلمي فائنل ۾ منهنجي ڪري نه پر سڀني جي گڏيل محنت ڪري پهتي آهي.
اڱاري ڏينهن پي ايس ايل سيزن 11 جي ڪواليفائر ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽڊ کي هڪ طرفي مقابلي بعد 70 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم 59 بالن تي 103 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم 151 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ميچ کانپوءِ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هيءَ اسان لاءِ ڏاڍي اهم ميچ هئي، تماشائين جي موجودگي کي انجواءِ ڪيو.
بابر اعظم چيو ته رانديگرن جي ڪيريئر ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، هر ڏينهن هڪ جهڙو ناهي هوندو، ڪڏهن ڪڏهن توهان اهو حاصل نٿا ڪري سگهو جيڪو چاهيو ٿا.
هن چيو ته ” مان پنهنجي محنت تي يقين رکان ٿو، وقت سان گڏ توهان تمام گهڻو ڪجهه سکو ٿا، توهان جڏهن ڪِري واپس اچو ٿا ته ڏاڍو سٺو محسوس ڪندا آهيو.“
هن چيو ته ڪڏهن جڏهن ڪجهه تبديل ناهيو ڪري سگهندا ته ڪوشش هوندي آهي ته پهريان وانگر ڪريون، مون پنهنجيون وڊيوز ڏسي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان ڪٿي غلطي ڪري رهيو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن هڪ شيءِ سڌارڻ لاءِ توهان جي پوري بيٽنگ تبديل ٿي ويندي آهي.
بابر اعظم چيو ته منهنجي هٽنگ پهريان به اهڙي هئي، هاڻي ان جو نتيجو بهتر اچي رهيو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيان ۽ ميچون کٽرايان. پشاور زلمي هن وقت جتي آهي منهنجي ڪري نه پر سڀني جي گڏيل محنت جي ڪري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو چوندا رهيا آهن ته مون ميچون ناهن کٽرايون، مان رڪارڊ تي ڌيان نه ڏيندو آهيان، منهنجي لاءِ هر ڏينهن هڪ نئون ڏينهن هوندو آهي، پي ايس ايل کان اڳ مون اهو ئي سوچيو هو ته نارمل ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، مون اهو ئي سوچيو ته مان جيئن کيڏندو آهيان تيئن ئي کيڏان.