ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ دفاعي چيمپيئن نيوزيلينڊ ايميليا ڪيئر جي قيادت ۾ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل ڪيويز اسڪواڊ ۾ صوفي ڊيوائين ۽ سوزي بيٽس کي به شامل ڪيو ويو آهي، هي ٻنهي رانديگرياڻين جو آخري ورلڊ ڪپ هوندو، ٻئي اڳواٽ ئي عالمي ڪپ کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪيون آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا 12 جون کان انگلينڊ ۾ شروع ٿيندا.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ وومين ٽيم انگلينڊ خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي.