وينڪووور (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا تاريخي فيصلو ڪندي افغان پناهگيرن تي ٻڌل وومينز ٽيم کي عالمي مقابلن ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي.
افغانستان جي عورتن تي ٻڌل پناهگير فٽبال ٽيم کي بين الاقوامي مقابلن ۾ شرڪت جي اهل قرار ڏنو ويو آهي، جيڪي طالبان حڪومت کانپوءِ اٽڪل 5 سال اڳ پنهنجو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيون هيون.
ڪئناڊا جي شهر وينڪووور ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيفا ڪائونسل پنهنجي قانونن ۾ ترميم جي منظوري ڏني، جنهن تحت ان پناهه گير ٽيم کي تسليم ڪيو ويو آهي جيڪا افغان وومين يونائيٽڊ جي نالي سان کيڏندي آهي.
فيفا غير معمولي حالتن ۾ ٽيم رجسٽر ڪرڻ جو اختيار استعمال ڪيو ۽ افغان وومينز يونائيٽڊ ٽيم کي افغانستان جي قومي وومينز ٽيم جو درجو ڏئي ڇڏيو.
فيفا جو چوڻ آهي ته افغان وومينز ٽيم پهريون ڀيرو آفيشل قومي ٽيم طور کيڏندي.
جيتوڻيڪ في الحال هيءَ ٽيم 2027 ۾ برازيل ۾ شيڊيول وومينز ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نٿي ڪري سگهي، پر هو 2028 ۾ لاس اينجلس اولمپڪس ڪواليفائنگ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي.
فيفا جي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته” اسان کي افغان وومينز يونائيٽڊ طرفان شروع ڪيل ان خوبصورت سفر تي فخر آهي.“
هن چيو ته ان قدم ذريعي اسان جو مقصد کين ۽ ٻين فيفا ميمبر ايسوسيئيشنز کي، جيڪي ڪنهن فيفا مقابلي لاءِ قومي يا نمائنده ٽيم رجسٽر نٿيون ڪري سگهن، لاڳاپيل ڪنفيڊريشن سان ملي ڪري اڳتي قدم وڌائڻ جي قابل بڻائڻ آهي.