لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهر النساءَ اقبال نوجوان اداڪارائن کي صحيح وقت تي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
ويجهڙ هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي هن چيو ته شوبز سان واڳيل نوجوان ڇوڪرين کي گهرجي ته وقت تي شادي ڪن، هر شئي پنهنجي وقت تي سٺي لڳندي آهي.
هن چيو ته وقت سان گڏ ماڻهو مئچور ٿيندو آهي ۽ خواهشون تبديل ٿينديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن معيار تمام وڌي وڃي ٿو ته پوءِ شادي ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي، ان ڪري ننڍي عمر ۾ سٺو فيصلو ڪرڻ بهتر آهي.
مهرالنساءَ وڌيڪ چيو ته شادي سان گڏ ٻيا ڪم به هلندا رهن ٿا، انسان کي پنهنجي اميدن کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو آهي، سڀ ڪجهه هڪ ئي وقت نٿو ملي، ڪٿي نه ڪٿي قرباني ڏيڻي پوي ٿي تڏهن وڃي گهر ٺهن ٿا.