ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ”هائوس فل“ جي سيٽ تي اڪشي ڪمار جي هڪ مذاق کيس ڊيڄاري ڇڏيو هو.
اهو انڪشاف هن اڪشي جي گيم شو ”وهيل آف فارچون“ جي آخري قسط ۾ ڪيو جنهن ۾ فرح خان ۽ پومي پڊنيڪر به شريڪ هيون.
جيڪولين چيو ”منهنجو پهريون آئٽم سانگ ڌنو هو ۽ ان وقت اڪشي مون سان ڏاڍو خراب پرينڪ ڪيو هو جنهن سبب ذهني صدمو پهتو هو.“
سندس چوڻ هو ته اڪشي کيس يقين ڏياريو ته پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي آهي جنهن ڪري هوءَ پوري شوٽ دوران ڊنل رهي، بعد ۾ اڪشي مذاق ڪندي چيو ته اصل ڊپ ان ڪري هو ڇو ته ان وقت جيڪولين وٽ ويزا نه هئي ۽ هن معافي به ورتي.
ڀومي پڊنيڪر به ياد ڪيو ته فلم ”ٽوائلٽ: ايڪ پريم ڪٿا“ دوران اڪشي هن سان بائيڪ تي تيز رفتاري جو پرينڪ ڪيو هو.
ان تي فرح خان کلي چيو ته هن سان ته فلمون ”تيس مار خان“ ۽ ”جوڪر“ ڪرڻ ئي سڀ کان وڏو پرينڪ هو.
You might also like