هاڻي گوگل ڊرائيو کانسواءِ به واٽس ايپ ڊيٽا محفوظ ڪري سگهبي، طريقو ڄاڻيو

واٽس اپ ۾ توهان جي چيٽ ۽ ٻئي ڊيٽا جي بيڪ اپ لاءِ ڪلائوڊ سروس کي استعمال ڪيو ويندو آهي.
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل ڊرائيو جڏهن ته آءِ فون واهپيدارن لاءِ آءِ ڪلائوڊ کي چيٽ بيڪ اپ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
پر تمام جلد واٽس اپ طرفان واهپيدارن کي چيٽ بيڪ اپ جو نئون آپشن فراهم ڪيو ويندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس اپ طرفان هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن تحت واهپيدار پنهنجي چيٽس کي ڪمپني جي ڪلائوڊ اسٽوريج ۾ محفوظ ڪري سگهندا.
اهو ڪلائوڊ اسٽوريج بيڪ اپ انڪرپٽڊ هوندو.
ان فيچر جي آزمائش اڃا اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس اپ جي بيٽا ورزن ۾ ڪئي پئي وڃي.
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ هاڻي ڪلائوڊ بيڪ اپ جا 2 آپشنز دستياب هوندا، گوگل ڊرائيو ۽ واٽس اپ جو پنهنجو ڪلائوڊ اسٽوريج، جنهن ۾ واهپيدارن کي 2 جي بي مفت اسٽوريج جي آڇ ڪئي ويندي.
هاڻي ائين ته واٽس اپ ۾ ذاتي پيغامن لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو فيچر باءِ ڊيفالٽ ڪم ڪندو آهي پر بيڪ اپ لاءِ توهان کي پاڻ ائين ڪرڻو پوندو آهي.
جڏهن توهان اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن بيڪ اپ ڊيٽا لاءِ ان ايبل ڪندا آهيو ته ڪو به (واٽس اپ به) ان تائين پهچ حاصل نه ٿو ڪري سگهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس اپ سيٽنگز ۾ وڃي چيٽس ۽ پوءِ چيٽ بيڪ اپ آپشن تي ڪلڪ ڪريو.
اتي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ بيڪ اپ تي ڪلڪ ڪري ان کي ان ايبل ڪري ڇڏيو.
پر واٽس اپ جي پنهنجي ڪلائوڊ اسٽوريج ۾ سموري ڊيٽا باءِ ڊيفالٽ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ هوندي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس اپ پاران 50 جي بي ڪلائوڊ اسٽوريج جي سهولت هڪ ڊالر مھوار ۾ فراهم ڪئي ويندي.
جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته في الحال ان فيچر جي آزمائش بيٽا ورزن ۾ ڪئي پئي وڃي ته اهو چوڻ مشڪل آهي ته ان کي سمورن واهپيدارن لاءِ ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.