ٿري ايڊيٽس جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان، مداح خوش

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بلاڪ باسٽر فلم ”ٿري ايڊيٽس“ جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي، ڇو ته اداڪار عامر خان باضابطا طور ان جي سيڪوئل جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
هدايتڪار راج ڪمار هيراڻي ۽ مصنف اڀيجيٽ جوشي في الحال ان جي اسڪرپٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن.
پهرين فلم ۾ رانچو، فرحان۽ راجو نالي ٽن دوستن جي ڪهاڻي ڏيکاري وئي هئي، جيڪي انجنيئرنگ ڪاليج جي روايتي تعليمي نظام خلاف وڙهندا آهن.
خبرن موجب سيڪوئل جي ڪهاڻي پهرين فلم جي پڄاڻي کان تقريبن 10 سالن کانپوءِ جي دور تي ٻڌل هوندي.
فلم جي شوٽنگ 2026 جي ٻئي حصي ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ عامر خان سان گڏ آر ماڌون ۽ شرمن جوشي جي واپسي جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.