ڊيـــم ٺاهـــــڻ جي ذميواري صوبن حوالي: ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي بابــت صــدر زرداري تي شديد دٻاءُ

لاهور(امداد سومرو) ڪجهه ڏينهن اڳ ايوانِ صدر ۾ هڪ وڏو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري کي هڪ اهم ذميواري سونپي وئي ۽ کيس درخواست ڪئي وئي ته هي ڪم اوهان کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي. کيس بريفنگ به ڏني وئي ۽ ڀارت جي منصوبن بابت به آگاهه ڪيو ويو. هي ذميواري پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن ۽ ڊيمز سان لاڳاپيل آهي. وفاق چاهي ٿو ته ڪجهه اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن، تنهنڪري صدر زرداري کي چيو ويو ته هو صوبن کي قائل ڪري ته هو پاڻ ڊيمن ۾ سيڙپڪاري ڪن۔بريفنگ ۾ اهو به چيو ويو ته نون منصوبن لاءِ صوبن کي راضي ڪرڻ جي ضرورت آهي. 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ بابت به ڳالهه ٿي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جي وسيلن جي ورڇ تي بحث ٿيو۔اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارت طرفان پاڻي بابت خدشا وڌي رهيا آهن، ۽ نوان اسٽرڪچر ٺهڻ سان پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اندازو لڳايو ويو ته اڳ ۾ ڀارت وٽ 14 ڏينهن تائين پاڻي روڪڻ جي صلاحيت هئي، جيڪا هاڻي وڌي 28 ڏينهن تائين ٿي سگهي ٿي، جنهن سان زرعي نقصان جو خدشو آهي۔ڪالاباغ ڊيم جهڙا وڏا منصوبا سياسي اختلافن سبب اڳتي نٿا وڌي سگهن، تنهنڪري هاڻي ننڍا ڊيم ٺاهڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. خاص ڪري صوبن کي چيو پيو وڃي ته هو گڏجي فنڊنگ ڪن ته جيئن پاڻي محفوظ رکي سگهجي۔اهو به چيو ويو ته وفاق وٽ نون ڊيمن لاءِ پئسا گهٽ آهن، تنهنڪري صوبن کي مالي حصو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ صدر زرداري کي چيو ويو ته هو سياسي پارٽين سان ڳالهائي هن معاملي تي اتفاق پيدا ڪن۔بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ به اين ايف سي ايوارڊ بابت وفاق تي تنقيد ڪري چڪو آهي ۽ چيو هو ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار صوبن کي ڏنو وڃي۔هاڻي تجويز اها آهي ته جيڪڏهن صوبن کي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪيو وڃي ته شايد هو به مالي سهڪار لاءِ تيار ٿي وڃن۔3

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.