اسلام آباد(بيورو)پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ايل اين جي جي عدم دستيابي سبب 5 هزار ميگاواٽ جي پاور پلانٽن مان بجلي پيدا نٿي ٿئي۔ترجمان موجب 27 اپريل جي رات پيڪ وقتن دوران صورتحال بابت ٻڌائيندي چيو ويو ته تربيلا ڊيم مان پاڻي جي نيڪال ۾ واڌ سبب پن بجلي جي پيداوار وڌي وئي، رات جي پيڪ ٽائيم ۾ پن بجلي جي پيداوار 6 هزار ميگاواٽ رهي، جڏهن ته ملڪ جي ڪل پن بجلي گنجائش 11 هزار 500 ميگاواٽ آهي۔هن چيو ته ڪجهه پاور پلانٽن کي مقامي گئس جي فراهمي سبب بجلي پيداوار ۾ وڌيڪ بهتري آئي، جنهن سان 100 ميگاواٽ سينٽر ۾ آڻڻ ۾ آساني ٿي، جڏهن ته ملڪ جي ڏکڻ حصي مان 500 ميگاواٽ بجلي جي ترسيل پڻ ممڪن بڻجي۔ترجمان موجب بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين رات جي پيڪ وقتن ۾ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين لوڊ مينيجمينٽ ڪئي۔ پن بجلي پيداوار وڌڻ سبب گهڻي طلب باوجود لوڊ مينيجمينٽ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه رهي۔هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان وارن فيڊرن تي اقتصادي مينيجمينٽ پاليسي تحت لوڊ مينيجمينٽ ڪئي پئي وڃي، ۽ اقتصادي لوڊ مينيجمينٽ جو پيڪ ڪلاڪن واري لوڊ مينيجمينٽ سان ڪو سڌو لاڳاپو ناهي۔ترجمان جو چوڻ هو ته ايل اين جي جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج ۾ وڌيڪ واڌ سان رات جي وقت جو بجلي جو کوٽ ختم ٿي سگهي ٿو۔
آر ايل اين جي جي کوٽ سبب گئس بحران وڌي ويو
لاهور(بيورو)لاهور ۾ گئس جو بحران آر ايل اين جي جي عدم فراهمي سبب وڌيڪ شديد ٿي ويو آهي۔سوئي ناردرن جي ذريعن موجب آر ايل اين جي جي موجوده ذخيرن ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي، جنهن سبب پاور ۽ ڀاڻ واري شعبي کي گئس جي فراهمي تمام گهٽ سطح تي اچي وئي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته گهريلو صارفن کي به گئس جي فراهمي گهٽائي وئي آهي۔رپورٽن مطابق گئس جي روزاني سپلائي گهٽجي 700 ملين ڪيوبڪ فوٽ تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا جي صورتحال کان اڳ اها 1200 ملين ڪيوبڪ فوٽ روزانه هئي۔سوئي ناردرن جي ذريعن موجب گئس جو شارٽ فال 600 ملين ڪيوبڪ فوٽ کان به وڌي ويو آهي۔ ٻئي پاسي سوئي گيس اختيارين جو چوڻ آهي ته ناشتي، منجهند ۽ رات جي ماني جي وقتن ۾ صارفين کي مڪمل گئس فراهم ڪئي پئي وڃي۔
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون ٻن هفتن جي بلند ترين سطح تي
لنڊن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب عالمي منڊي ۾ خام تيل جون قيمتون ٻن هفتن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن۔رپورٽن موجب برطانوي خام تيل جي قيمت ۾ 2.90 ڊالر في بيرل اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ قيمت 109.2 ڊالر في بيرل ٿي وئي۔ جڏهن ته آمريڪي خام تيل (ڊبليو ٽي آءِ ) به 1.97 ڊالر وڌي 97.31 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو۔عرب ميڊيا موجب ايران-آمريڪا امن ڳالهين ۾ پيش رفت نه ٿيڻ ۽ آبناءِ هرمز ذريعي محدود ترسيل سبب عالمي سپلاءِ تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن سان قيمتون وڌيون آهن۔ياد رهي ته ايران آمريڪا کي جنگبندي ۽ آبناءِ هرمز کولڻ بابت نيون تجويزون به ڏنيون آهن، جن تي آمريڪا اڄ غور ڪرڻ وارو آهي۔
بجلي شعبي جي گردشي قرض ۾ 224 ارب رپين جي واڌ
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) بجلي شعبي جو گردشي قرض 224 ارب رپيا وڌي ويو،اسلام آباد مان جاري رپورٽ موجب پاور ڊويزن جي گردشي قرضي بابت رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن دوران بجلي شعبي جو گردشي قرض 224 ارب رپيا وڌي ويو آهي۔رپورٽ مطابق جولاءِ 2025 کان فيبروري 2026 تائين بجلي شعبي جو گردشي قرض 1 هزار 837 ارب رپيا رهيو، جڏهن ته جون 2025 ۾ اهو 1 هزار 614 ارب رپيا هو۔انهيءَ ريت هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن دوران جون جي مقابلي ۾ گردشي قرضي ۾ 224 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو۔
ننڍن سولر صارفن لاءِ لائسنس جو شرط ختم
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي 25 ڪلو واٽ ۽ ان کان گهٽ سولر صارفن لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي۔ترجمان موجب وفاقي وزير اويس لغاري جي خاص هدايت تي پاور ڊويزن نيپرا کي خط لکيو هو، جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته ننڍن سولر صارفن لاءِ لائسنس جي شرط ختم ڪيو وڃي،ان درخواست کان پوءِ نيپرا نوٽيفڪيشن جاري ڪندي 25 ڪلو واٽ ۽ ان کان گهٽ سولر سسٽم وارن صارفن لاءِ لائسنس جي لازمي شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي۔ياد رهي ته ان کان اڳ نيپرا اعلان ڪيو هو ته نيشنل گرڊ سان جڙيل سڀ سولر صارفين کي لائسنس وٺڻو پوندو ۽ في ڪلو واٽ هڪ هزار رپيا فيس ادا ڪرڻي پوندي۔هاڻي نئين فيصلي تحت صرف وڏن سولر سسٽمن تي اڳوڻي ضابطا لاڳو رهندا، جڏهن ته ننڍن صارفين کي لائسنس کان ڇوٽ ملي وئي آهي۔