پي ايس ايل ڪواليفائر: بابر اعظم جي سينچري، هڪ سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ به برابر ڪري ڇڏيائين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي هڪ سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
اڱاري ڏينهن پي ايس ايل جي پهرئين ڪواليفائر ۾ بابر اعظم اسلام آباد يونائيٽڊ جي خلاف 59 بالن تي 103 رنز جي شاندار اننگز کيڏي.
پي ايس ايل 2026 ۾ بابر اعظم 10 اننگز ۾ 588 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ان سان گڏ ئي بابر اعظم هڪ سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو فخر زمان جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو آهي.
فخر زمان 2022 جي پي ايس ايل ۾ 13 اننگز ۾ 588 رنز ٺاهيون هيون.
واضح رهي ته بابر اعظم وٽ فخر جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ۽ وڌ ۾ وڌ ٻه ميچون باقي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.