ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا مهرين پيرزادا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب مهرين پيرزادا آچر ڏينهن هماچل پرديش ۾ ٿيندڙ هڪ سادي ۽ نجي تقريب ۾ ارش اولک سان شادي ڪئي.
شادي تقريب ۾ رڳو گهر ڀاتين ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.
اداڪارا سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي مداحن کي شادي جي خوشخبري ڏني، جنهن ۾ شادي جون ڪجهه تصويرون به شامل هيون.
واضح رهي ته مهرين بنيادي طور تيلگو ۽ تامل سينما ۾ اداڪاري لاءِ سڃاتي ويندي آهي.
You might also like