مسلسل 40 ڪلاڪ دل بند رهڻ باوجود همراهه معجزاڻي طور بچي ويو

جيڪڏهن ڪنهن انسان جي دل جي حرڪت بند ٿي وڃي ۽ جلد بحال نه ٿئي ته ان کي مئل قرار ڏنو ويو آهي.
پر چين ۾ هڪ شخص معجزاڻي طور 40 ڪلاڪ دل بند ٿيڻ باوجود بچي ويو، اهو واقعو چين جي صوبي زجيانگ ۾ پيش آيو.
هاسپيٽل آف زجيانگ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي ايمرجنسي ڊاڪٽر ليو شيائو ان ڪيس بابت سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٻڌايو.
هن ٻڌايو ته 40 ورهين جي شخص کي ڪارڊڪ اريسٽ (دل بند ٿيڻ) جو مسئلو پيش آيو ۽ برقي جهٽڪا ڏيڻ باوجود دل جي ڌڙڪو بحال نه ٿيو.
طبي ٽيم ايڪسٽراڪورپورئيل ميمبرين آڪسيجينيشن نالي مشين جو استعمال ڪيو، جيڪا هٿرادو دل ۽ ڦڦڙن جو ڪم ڪندي رت ۾ آڪسيجن پمپ ڪندي آهي، جنهن سان ان شخص جي حياتي بچائڻ ۾ مدد ملي، توڙي جو ان جي دل لڳ ڀڳ 2 ڏينهن تائين متحرڪ نه ٿي هئي.
ان مشين سان عام طور تي هارٽ اٽيڪ جي مريضن کي عارضي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي.
ڊاڪٽر ليو موجب مريض لاءِ مشين استعمال ڪندي اهو خيال رکڻ ضروري هو ته بلڊ ڪلاٽ نه ٺهي ۽ ان لاءِ عملي ان جي احتياط سان نگراني ڪئي.
مريض جي دل جي حرڪت بحال ٿيڻ باوجود 10 ڏينهن تائين ان جو مشين سان علاج جاري رکيو ويو.
ڊاڪٽر ليو ٻڌايو ته 20 ڏينهن کانپوءِ اهو مريض لڳ ڀڳ مڪمل طور صحتياب ٿي ويو ۽ پاڻ اسپتال کان گهر ويو.
ڊاڪٽر ان شخص جي بچڻ کي معجزو قرار ڏيندي چيو ته اهو مريض خوش قسمت هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.