ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2026ع ۾ پنجاب ڪنگز جو ڪپتان شرِياس اَئيَر شاندار فارم ۾ آهي ۽ ٽيم کي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي پهچائي چڪو آهي.
شرياس جاري سيزن ۾ 70 جي ايوريج ۽ 186 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 279 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ چار ففٽيون پڻ شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا کي ڏنلهڪ انٽرويوءَ دوران شرِياس اَئيَر جو چوڻ هو ته ”ماضيءَ ۾ مون کي شارٽ بال خلاف ڪمزوري تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هو، جنهن مون کي وڌيڪ محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو“
سندس چوڻ آهي ته” بار بار مون تي تنقيد ڪئي وئي ته مان شارٽ بال کيڏڻ جي اهل ناهيان، اهڙين ڳالهين مون کي چيڙائي ڇڏيو ۽ مون پاڻ کي بهتر بنائڻ جو فيصلو ڪيو.“
شرِياس اَئيَر جو چوڻ آهي ته ” مان هاڻي شارٽ بال کي دفاعي انداز ۾ کيڏڻ بدران جارحاڻي حڪمت عملي تحت کيڏندو آهيان.“
هن پنهنجي ڪاميابي جو ڪريڊٽ سخت محنت ۽ ذهني مضبوطي کي ڏيندي چيو ته ” مان روزانو ڊگهي پريڪٽس ڪريان ٿو، روزانو 300 کان وڌيڪ بال کيڏان ٿو ۽ بالرن خلاف پنهنجي ٽيڪنڪ بهتر بڻايان ٿو.“
ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته ”انجري دوران به مون کي چيو ويو ته مان اڳ جيان نه کيڏي سگهندس، پر مون اهڙين ڳالهين کي چئلينج طور ورتو ۽ پاڻ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.“
شرِياس اَئيَر وڌيڪ چيو ته ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته رانديگر ناڪاري ڳالهين کي نظرانداز ڪري ۽ پنهنجي صلاحيتن تي ڀاڙي.