18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي سزا جوڳو ڏوهه قرار، پنجاب اسيمبلي ۾ ترميمي بل منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ننڍي عمر ۾ شادي جي روڪٿام بابت ترميمي قانوني مسودو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن سارا احمد موجب وزيراعليٰ مريم نواز جي ويزن موجب ٻارڙين جي تحفظ لاءِ تاريخي قانون سازي عمل ۾ آندي وئي آهي.
هن چيو ته پنجاب چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ بل 2026 ۾ ننڍي عمر جي شادي تي سخت سزائن جي منظوري ڏني وئي آهي، 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ نڪاح تي سزا ٿيندي، جيڪڏهن والدين يا سرپرست ننڍي عمر جي شادي ۾ مدد ڪندا ته ٻه کان ٽي سال قيد ۽ 5 لک رپين تائين ڏنڊ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.