ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن تيل پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي تنظيم اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اماراتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو پهرين مئي 2026 کان لاڳو ٿيندو، ان فيصلي سان عالمي تيل مارڪيٽ تي به اثر پوڻ جا امڪان آهن.
اماراتي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته يو اي اي تيل جي وڪري جي پاليسي ۾ خود مختياري حاصل ڪندو.
واضح رهي ته تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جو قيام 1960 ۾ عمل ۾ آيو هو، سعودي عرب، ايران، عراق ۽ ڪويت اوپيڪ جا اهم رڪن آهن.
اوپيڪ پلس جو قيام 2016 ۾ عمل ۾ آيو هو، جڏهن اوپيڪ ملڪن ۽ نان اوپيڪ ملڪن ۾ اتحاد ٿيو، ان ۾ روس سميت ٻيا ملڪ شامل آهن.
You might also like