راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ طرفان مقامي طور تيار ڪيل فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فتح ٽو ميزائل جديد ترين ايوي اونڪس ۽ جديد ترين نيويگيشنل ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، تجربي جو مقصد مختلف ٽيڪنيڪي رخن جي منظوري ۽ بهتر درستگي نظام جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو.
آءِ ايس پي آر موجب اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ ۽ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن کانسواءِ اسٽريٽجڪ ادارن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن به تجربي جو مشاهدو ڪيو، فورم فتح سيريز جي مقامي طور تيار ڪيل ميزائل جي ڪامياب تربيتي تجربي کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر، وزيراعظم، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن ڪامياب تجربي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي عزم کي ساراهيو آهي.
You might also like