ايران جي سنوڪر رانديگر حسين وفائي ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو آهي.
حسين وفائي عالمي نمبر ون جوڊ ٽرمپ کي سخت مقابلي کانپوءِ 12-13 تان شڪست ڏئي ڇڏي.
فيصلائتي فريم ۾ وفائي شاندار 91 جو بريڪ کيڏي پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ميچ دوران ٽرمپ کي سرسي حاصل هئي ۽ هو 10-7 ۽ 12-11 تان اڳتي هو، پر وفائي همت نه هاري ۽ زبردست واپسي ڪندي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.
آخري فريم ۾ ٽرمپ کي کٽڻ جو موقعو مليو پر هڪ غلط شاٽ کانپوءِ وفائي ان موقعي مان فائدو ورتو ۽ فتح پنهنجي نالي ڪئي.
ميچ کانپوءِ ٽرمپ حسين وفائي کي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته تماشائين اُٿي بيهي سندس آجيان ڪئي.
وفائي جو چوڻ هو ته هو نه رڳو پنهنجي ڪاميابي پر پنهنجي ملڪ ۽ ڪٽنب لاءِ به ڀرپور جدوجهد ڪري رهيو آهي.