جڊيشل ڪميشن اجلاس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدلي جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 ججن جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽنهي ججن جي بدلي جا فيصلا اڪثريتي راءِ سان ڪيا ويا.
چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.
ذريعن موجب فيصلو اڪثريتي راءِ سان ٿيو، جڊيشل ڪميشن جي 9 ميمبرن جسٽس محسن اختر ڪياني جي بدلي جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني کي لاهور هاءِ ڪورٽ بدلي ڪرڻ جي منظوري ڏني.
جڊيشل ڪميشن جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي ڪري ڇڏيو، سندس بدلي جو فيصلو به اڪثريتي راءِ سان ڪيو ويو.
جڊيشل ڪميشن جسٽس ثمن رفعت امتياز جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بدلي جي منظوري به ڏني.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم سومري جي بدلي جي سفارش واپس وٺي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.