ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر سوشل ميڊيا تي هڪ ڀارتي واهپيدار کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي واهپيدار طرفان ڊيوڊ وارنر کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ڇڏي ٻيهر آءِ پي ايل کيڏڻ جو مشورو ڏنو ويو هو، جنهن تي وارنر کيس لاجواب ڪري ڇڏيو.
ڀارتي واهپيدار چيو هو ته ”اهو توهان لاءِ بهتر آهي ته پي ايس ايل ڇڏي ڏيو ۽ آءِ پي ايل ۾ واپس اچو“، جنهن تي ڊيوڊ وارنر جواب ڏنو ته ”هاڻي ان جي ڪا ضرورت ناهي“.
واضح رهي ته ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل جي پهرئين رائونڊ مان ٻاهر ٿيڻ تي ڪپتان ڊيوڊ وارنر سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي.
هن پنهنجي پيغام ۾ ليگ دوران ٽيم جي سفر بابت لکيو هو ته نتيجو اميد موجب نه رهيو، پر رانديگرن جو جذبو، لڳاءُ ۽ محنت شاندار هئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان پوليس، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٽريفڪ ۾ دير ٿيڻ تي صبر جو مظاهرو ڪندڙ شهرين جا ٿورائتا آهيون.