ميرپورخاص (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل شاگردن جي تازي خودڪشي واقعن، خاص طور ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي افسوسناڪ موت جي جاچ تيز ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ڪائونسل جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي ته جيئن عمل کي تيز، شفاف ۽ تفصيلي بڻايو وڃي، ان حوالي سان پي ايم ڊي سي جو هڪ سينيئر آفيسر متاثر خاندان جي گهر پهتو، پي ايم ڊي سي آفيسر متاثر شاگردياڻي جي گهر وڃي وارثن سان ملاقات ڪئي ته جيئن حالتن کي بهتر نموني سمجهي سگهجي، سندس رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي جيڪا هن وقت جائزي هيٺ آهي، خاندان موجب نياڻي ڪجهه ڏينهن کان سخت ذهني دٻاءُ ۾ هئي، جنهن جو سبب مبينا طور ساٿي شاگردن سميت ڪجهه ماڻهن جي لڳاتار هراسمينٽ ٻڌايو ويو، ڪاليج انتظاميا کي شڪايتون به ڏنيون پر سندن دعويٰ موجب ڪا موثر ڪارروائي نه ڪئي وئي، پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اداري طرفان محفوظ تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ يا اينٽي هراسمنٽ نظام تي عملدرآمد ۾ ناڪامي ثابت ٿي ته اها سنگين ڀڃڪڙي هوندي ۽ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، معاملي جي مڪمل ۽ منصفاڻي جاچ جاري رهندي ۽ جتي به ذميواري ثابت ٿيندي اتي احتساب يقيني بڻايو ويندو.