ٽنڊو محمد خان جي مال پڙي تي چڙهائي خلاف واپارين جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)ٽنڊو محمد خان جي مال پڙي تي پوليس جي مبينا چڙهائي، چوپائي مال کي داخل ڪرڻ کان روڪڻ تي تشدد مارڪٽ جي واقعن خلاف مال جي واپارين جو احتجاج ، پڙي کي بند ڪرائڻ جي هر ڪوشش جي خلاف ڀرپور احتجاج جو اعلان، ٽنڊوسائينداد ۾ قائم مال پڙي کي بند ڪرائڻ واري ڪيل ڪوشش ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان پوليس فورسز طلب ڪرڻ، ڪيل چڙهائي، چوپايو مال کڻي ايندڙ واپارين ۽ مالوندن کي مارڪٽ ڪرڻ تشدد ڪرڻ جي پيش آيل واقعن  توڙي گاڏين کي واپس ڪرڻ واري عمل خلاف ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو مالوندن احتجاجي مظاهرو ڪيو ، احتجاج ۾ شامل مالوندن ظهور هاليپوٽو، دانيال قريشي ، ياسر مڱڻيجو ، حاجي مصري ، راشد علي قريشي ، ايڊووڪيٽ علي شير جانوري ۽ ٻين چيو ته ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا جي پ پ مخالف اتحاد جي پير احمد سعيد جان سرهندي طرفان ڏنل چانهھ پارٽي کان پوءِ سندس ذاتي ملڪيت واري ٽنڊوسائينداد ۾ مال پڙي کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش انتقامي ڪارروائي آهي، پوليس فورس ذريعي مال پري بند ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ پوليس جي ڪيل دهشت گردي واري ڪارروائي خطرناڪ عمل آهي، اعلى اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ، پير احمد سعيد جان سرهندي چيو ته ته سنڌ سرڪار ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري جي چوڻ تي سندس خلاف انتقامي سياسي ڪارروائي شروع ڪرائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.