واٽس ايپ وارئو! پوءِ متان پڇتايو، جلد کان جلد فون مَٽايو

جيڪڏهن توهان 10 يا 11 سال پراڻو اينڊرائيڊ فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته بهتر آهي ته ان کي بدلائي ڇڏيو، ٻي صورت ۾ سيپٽمبر 2026 کانپوءِ ان تي واٽس اپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
ميٽا پراڻن اينڊرائيڊ فونز لاءِ واٽس اپ سپورٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص طور تي اهي سمارٽ فونز جيڪي اينڊرائيڊ 5 يا 5.1 تي هلي رهيا آهن.
هڪ رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ 6 کان اڳ واري آپريٽنگ سسٽم ورجنز تي هلندڙ سمارٽ فونز ۾ پهرين جنوري کان واٽس اپ تائين پهچ ممڪن نه هوندي.
واٽس اپ طرفان يوزر انٽرفيس ۽ پرائيويسي سيٽنگز کي مسلسل بهتر بڻايو ويندو آهي، جنهن لاءِ اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا ويندا آهن جيڪي ايپل ۽ اينڊرائيڊ جي جديد آپريٽنگ سسٽمز سان مطابقت رکندا هجن.
اهو ئي ڪارڻ آهي ته ڪمپني پاران پراڻن آپريٽنگ سسٽمز لاءِ سپورٽ اڪثر ختم ڪئي ويندي آهي.
ميٽا طرفان هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي(اَي آءِ ) سميت وڌيڪ جديد فيچرز تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جن لاءِ طاقتور هارڊويئر جي ضرورت آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 8 سيپٽمبر 2026 کان اينڊرائيڊ 6 کان اڳ وارن ورجنز تي هلندڙ فونز لاءِ واٽس اپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي، جنهن جو مطلب آهي ته لکين پراڻن فونز تي واٽس اپ بند ٿي ويندو.
8 سيپٽمبر کانپوءِ واٽس اپ جو استعمال رڳو اينڊرائيڊ 6 يا ان کانپوءِ وارن ورجنز تي ئي ممڪن هوندو.
جيڪڏهن توهان اهڙا پراڻا فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته توهان کي پنهنجي ڊيٽا نئين ڊيوائس تي منتقل ڪرڻو پوندي، ٻي صورت ۾ واٽس اپ جي سموري ميڊيا ۽ چيٽ هسٽري ڊيليٽ ٿي ويندي.
رپورٽ موجب، هن قدم جو مقصد واهپيدارن جي سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي کي بهتر بڻائڻ ۽ ايپ جي ڪارڪردگي کي برقرار رکڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.