ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص جي گل ڪالوني ۾ رات دير سان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 60 ورهين جي پيرسن لکاڏنو خاصخيلي کي اڻڄاتل جوابدار ننڊ جي حالت ۾ تکي اوزار سان قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
مقتول جي پٽ دودو خاصخيلي دانهيندي چيو ته انهن جو پنهنجي چاچي آچر خاصخيلي سان رشتي جي تڪرار تي اختلاف هلندڙ هو، جڏهن ته ٻئي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي، انصاف ڪيو وڃي.
You might also like