بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين جي وھڻائي شريف ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي نشائي پٽ مبينا طور پنهنجي پيرسن ماءُ کي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺاڻن کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڳوٺاڻن موجب مقتولا الھبچائي زال بچل ملاح پاڻي ڀرڻ لاءِ شاخ تي وئي هئي ته سندس پٽ وسيم ملاح نشي جي حالت ۾ اچي مٿس حملو ڪري قتل ڪيو.
You might also like