پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نسوار جي تياري ۽ وڪري کي ريگوليٽ ڪرڻ جي پرائيويٽ بل تي اعتراض اٿاري ڇڏيو.
ن ليگ جي آمنا سردار ”نسوار ايڪٽ 2026“ جو مسودو اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو آهي، جنهن تي قانوني اعتراض سامهون اچي ويو.
سيڪريٽريٽ پڇيو ته بل ڪهڙي کاتي کي موڪليو ويندو؟ لاڳاپيل کاتي بابت فيصلو ڪرڻ کانپوءِ ئي بل موڪليو ويندو، قانون کاتو بل جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو.
تجويز ڪيل بل جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ بنا لائسنس جي نسوار ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ڏوهه هوندو، بنا لائسنس نسوار جي تياري يا وڪري تي 30 هزار رپين تائين ڏنڊ لاڳو هندو، جڏهن ته نسوار جو سيل بند پيڪنگ ۾ وڪرو لازمي قرار ڏنو ويندو.
بل ۾ اسڪول، مدرسي ۽ اسپتال کان 100 ميٽرن تائين نسوار جي وڪري تي پابندي جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ننڍي عمر جي ٻارن کي نسوار کپائڻ تي 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال قيد جي سزا هوندي.
آن لائن، سوشل ميڊيا ۽ ڊليوري ذريعي نسوار جو وڪرو مڪمل بند هوندو، نسوار جي اشتهارن، مشهوري ۽ مفت نمونا ورهائڻ تي مڪمل پابندي هوندي، عوامي هنڌ تي نسوار اڇلائڻ تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ هوندو.
You might also like