پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پنجاب اسان جو پاڻي کڻي رهيو آهي، معاوضو ادا ڪيو وڃي: ڪي پي حڪومت

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت گليات کان مري تائين پاڻي جي فراهمي جي مد ۾ پنجاب حڪومت کان 64 ارب 62 ڪروڙ رپين جون رهتون گهري ورتيون آهن.
خيبرپختونخوا حڪومت طرفان وفاق ۽ پنجاب کي لکيل خطن ۾ چيو ويو آهي ته 1947ع کان وٺي پاڻي جي فراهمي جي مد ۾ پنجاب حڪومت ڏانهن 64 ارب 62 ڪروڙ رپيا رهتون آهن.
خط جي متن موجب، مري واٽر بورڊ ڪنهن به معاهدي يا معاوضي کانسواءِ گليات مان روزاني 5 لک گيلن پاڻي ڪڍي رهيو آهي، گليات ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.
ڪي پي حڪومت مطالبو ڪيو آهي ته گليات ڊيولپمينٽ اٿارٽي (جِي ڊِي اَي ) جي اجازت کانسواءِ ڊونگا گلي ۾ 20 لک گيلن جي واٽر ٽينڪ جي اڏاوت روڪي وڃي.
خط ۾ بين الصوبائي رابطا وزارت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو ٻنهي حڪومتن وچ ۾ معاهدو ڪرائڻ ۾ سهڪار ڪري ۽ سمورن چشمن ۽ پاڻي جي ذخيرن تي خيبرپختونخوا جو حق تسليم ڪيو وڃي.
خيبرپختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته پنجاب ڏانهن 65 ارب رپين جون رهتون آهن، جيڪي ترت طور ادا ڪيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي گليات جو پاڻي مري لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.