امن ڳالهيون، آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن سبب مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن: ايراني پرڏيهي وزير

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، پر آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن سبب مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن.
عباس عراقچي چيو ته روسي ساٿين سان جنگ بابت اڳڀرائي ۽ موجودا صورتحال تي مشاورت ۽ جائزو وٺڻ جو مناسب موقعو آهي، جڏهن ته پاڪستان ايران-آمريڪا ۾ ڳالهين ۾ اهم ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي باوجود آمريڪي موقف سبب گذريل دور جا مقصد حاصل نه ٿي سگهيا، آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن ۽ غلط طرزِ عمل ان جي بنيادي سبب بڻيا، تنهن ڪري پاڪستاني دوستن سان مشاورت ضروري هئي ته جيئن موجودا حالتن جو جائزو وٺي سگهجي.
ان کان اڳ ماسڪو پهچڻ تي ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته هو خطي ۽ عالمي معاملن تي گهري مشاورت جاري رکڻ لاءِ روس آيو آهيان، اڄ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ٿيندي.
هن چيو ته روسي صدر سان ملاقات جنگ جي اڳڀرائي ۽ موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سٺو موقعو هوندو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مشاورت ۽ هم آهنگي خاص اهميت رکي ٿي.
ايراني پرڏيهي وزير موجب، پاڪستان جو دورو ڏاڍو لاڀائتو رهيو، اسلام آباد ۾ اختيارين سان هاڪاري صلاح مشورا ٿيا، جتي ماضي جي واقعن ۽ انهن خاص حالتن جو جائزو ورتو ويو جن تحت ايران-آمريڪا ڳالهيون جاري رهي سگهن ٿيون.
عباس عراقچي ٻڌايو ته عمان جي دوري دوران آبناءِ هرمز بابت پڻ ڳالهيون ٿيون، ڇو ته ايران ۽ عمان ٻنهي جا سامونڊي لنگهه ان گذرگاهه سان واڳيل آهن، تنهن ڪري گڏيل صلاح مشورو ضروري آهي، خاص طور تي جڏهن ان رستي تان محفوظ اچ وڃ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته سامونڊي ملڪ هئڻ جي حيثيت ۾ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ رابطو رکڻ فطري آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي هر ممڪن قدم ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ گهرجي ۽ اِهو ٻنهي جي مفاد ۾ آهي.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران ۽ عمان وچ ۾ اعليٰ سطح تي اتفاق موجود آهي ۽ ماهرن جي سطح تي به مشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.