حڪمران هٿ وٺي نوجوان نسل کي منشيات جي ور چاڙهي رهيا آهن: عوامي جمهوري پارٽي

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: آزاد نوناري) ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ واقع بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ عوامي جمهوري پارٽي (اي جي پي) جو 16 هون مرڪزي ڪنوينشن تعليم جي بحالي ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ جو ڏينهن جي عنوان سان منعقد ڪيو ويو. هن ڪنوينشن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن، وڪيلن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪنوينشن دوران سال 2026 ۽ 2027 لاءِ نئين مرڪزي باڊي جي چونڊ ڪئي وئي. اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين حريف چانڊيي نتيجن جو اعلان ڪيو، جنهن موجب ڊاڪٽر سراج سيال صدر، نور نبي راهوجو سينئر نائب صدر، پرويز ابڙو نائب صدر، سيد لعل شاهه جنرل سيڪريٽري، اياز چانڊيو جوائنٽ سيڪريٽري، بشير چانڊيو خزانچي، محمد جمن تنيو پريس سيڪريٽري ۽ خادم ٽالپر تعليمي سيڪريٽري طور چونڊجي ويا. چونڊيل عهديدارن کان اڳوڻي صدر ڪرم حسين وساڻ حلف کڻايو. تقريب کي خطاب ڪندي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر سراج سيال چيو ته منشيات هڪ خطرناڪ وبا بڻجي اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پهچي وئي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ اسان کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته تعليم کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. اڳواڻن نور نبي راهوجو، سيد لعل شاهه، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو ۽ ٻين چيو ته حڪمران سازش تحت نوجوان نسل کي منشيات جي واپرائڻ ۾ لڳائي تعليم کان پري ڪري رهيا آهن. ڪنوينشن ۾ سنڌ اندر وڌندڙ بدامني، بي روزگاري، قبائلي جهيڙن، ڪرپشن ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف قراردادون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون. آخر ۾ قومي راڳي زاهد شيخ قومي گيت ڳائي ڪارڪنن جو جوش وڌايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.