ڪراچي(رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل ۾ ”وال آف پيس اينڊ صوفي ازم“ جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن سان امن، رواداري ۽ صوفيانه قدرن کي ھٿي وٺرائڻ جي هڪ نئين روايت قائم ٿي وئي آهي.سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار افتتاح کانپوءِ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ڌرتي صوفين جي تعليم سان سينگاريل آهي، جتي محبت، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي هميشه اوليت حاصل رهي آهي. هن چيو ته صوفي ازم معاشري ۾ برداشت، ٻڌي ۽ انسان دوستي کي هٿي ڏئي ٿو ۽ اهي ئي قدر پائيدار امن جو بنياد بڻجن ٿا.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وال آف پيس اينڊ صوفي ازم“ نه صرف هڪ علامتي قدم آهي پر هي معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ مفاهمت جي پيغام کي عام ڪرڻ جي عملي ڪوشش پڻ آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ان قدم ذريعي سنڌ بار ڪائونسل ۾ هڪ خوبصورت ۽ با مقصد روايت جي شروعات ٿي آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ پڻ رهنمائي جو ذريعو بڻبو. تقريب ۾ وڪيل اڳواڻن قربان ملاڻو، اياز تنيو، اشتياق ميمڻ، آصف سومرو ۽ ٻين شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ۽ هن قدم کي ساراهيو.