لاهور( اجمل جامي) گذريل رات واشنگٽن جي هڪ هوٽل ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، جتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جِي ڊي وينس ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر ۽ صحافي گڏ هئا، اتي هڪ نامعلوم حمله آور گهڙي آيو ۽ فائرنگ ڪري ڇڏي. پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته هي شخص ڪير هو، ان جو پسمنظر ڇا هو، ۽ ڇا هي صرف هڪ اڪيلو واقعو هو يا ان جي پويان ڪا وڏي رٿابندي به ٿي سگهي ٿي؟مختلف ميڊيا ذريعن ۽ سوشل ميڊيا تي اهو بحث هلي رهيو آهي ته اهو ٽرمپ تي ڪو ٽيون يا چوٿون حملي جو واقعو آهي، ۽ ان جو مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ان سان ٽرمپ کي سياسي فائدو ملي سگهي ٿو، ڇو ته اهڙن واقعن کان پوءِ عوامي همدردي ۾ واڌ ٿيندي آهي.حملو ڪندڙ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ان جو نالو ڪول ايلن آهي، عمر لڳ ڀڳ 31 سال آهي، ڪيليفورنيا جو رهواسي آهي، ۽ ٽولينس نالي شهر سان تعلق رکي ٿو. هو اسڪول ٽيچر پڻ رهيو آهي. ان کان علاوه هو ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر ڊگري رکي ٿو ۽ ميڪينڪل انجنيئرنگ به پڙهيل آهي. هو ويڊيو گيم ڊولپر پڻ آهي ۽ ڪجھ ٽيڪنالاجي ايجادن سان به لاڳاپيل رهيو آهي.حيرت انگيز ڳالهه اها به آهي ته حملي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سندس نالي بابت گوگل تي سرچنگ ۾ غير معمولي واڌ ڏٺي وئي، خاص طور تي ڪجهه علائقن ۾. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اهو صرف اتفاق ناهي.هتي ٻه وڏا نظريا گردش ڪري رهيا آهن. هڪ نظريو اهو آهي ته هن حملي جي پويان اسرائيلي اثر يا انٽيليجنس جو هٿ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته تاريخ ۾ اهڙا الزام اڳ به لڳندا رهيا آهن ته مختلف عالمي شخصيتن ۽ تنظيمن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ٻيو نظريو اهو آهي ته هي سڄو واقعو اندروني آمريڪي سياست جو حصو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ٽرمپ کي سياسي فائدو پهچائجي.جيڪڏهن هي حملو ڪندڙ ڪنهن مسلمان هجي ها ته شايد عالمي ميڊيا ان کي فوراً دهشتگرد قرار ڏئي ها، پر هتي اهڙي سڃاڻپ نه ٿي ڏني پئي وڃي، جنهن تي به بحث جاري آهي.ساڳئي جاءِ تي هڪ يادگيري به آهي ته 1981 ۾ به ساڳئي هنڌ آمريڪي صدر ريگن تي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ هو زخمي ٿيو هو. ٻي دلچسپ ٿيوري اها آهي ته جڏهن 13 جولاءِ 2024 تي پنسلوانيا ۾ ٽرمپ تي حملو ٿيو هو ته سندس مقبوليت ۾ 4 کان 5 سيڪڙو اضافو ٿيو هو، جنهن کيس اليڪشن کٽڻ ۾ مدد ڪئي. هن وقت ٽرمپ جي مقبوليت 37-38 سيڪڙو تي آهي، جيڪا تمام گهٽ آهي. سي اين اين ۽ وال اسٽريٽ جنرل موجب هو "مڊ ٽرم” اليڪشن ۾ هارائيندي نظر اچي رهيو آهي. ايران جنگ جي ڪري قيمتون وڌي ويون آهن. جڏهن ٽرمپ پاڻ چوي ٿو ته "حملي آور جو تعلق ايران جنگ سان ناهي”، ته اتي شڪ پيدا ٿئي ٿو ته شايد اها همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش هجي ته جيئن هو هڪ "ٽارگيٽڊ شخص” طور سامهون اچي.