خوشي ٿي ته ٽرمپ خيريت سان آهي: وزيراعظم جو وائيٽ هائوس ۾ فائرنگ جي واقعي تي ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف واشنگٽن واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته وائيٽ هائوس ۾ ڊنر دوران پيش آيل فائرنگ جي واقعي تي صدمو پهتو پر اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ، خاتون اول ۽ ٻيا خيريت سان آهن.
هن چيو ته منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون انهن سان گڏ آهن ۽ مان انهن جي مسلسل سلامتي ۽ خيريت لاءِ دعا ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.