شاهه رخ خان جي خواهش هئي ته مان سندس فلم لاءِ گانو ڳايان: علي ظفر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پاڪستاني گلوڪار علي ظفر انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مون کي پنهنجي فلم ۾ گانو ڳائڻ لاءِ چيو هو.
تازي انٽرويو ۾ علي ظفر شاهه رخ خان جي تعريف ڪندي چيو ته هو کليل دل جو انسان آهي، هن منهنجو مشهور گانو ”سن ري سجنيا“ ٻڌو هو، سندس خواهش هئي ته مان ان جي فلم ۾ ”درد ڊسڪو“ ڳايان.
هن چيو ته ان وقت مان ڀارت ۾ موجود نه هيس ۽ وقت نه ملڻ سبب اهو گانو نه ڳائي سگهيس.
واضح رهي ته ”درد ڊسڪو“ شاهه رخ خان جي مشهور فلم ”اوم شانتي اوم“ جو گانو آهي، جيڪا 2007 ۾ رليز ٿي هئي.
اهو گانو ڀارتي گلوڪار سکوندر سنگهه ڳايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.