ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي جي مشهور تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ ۾ وهنجندي ڪراچي واسي ٻه نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا.
پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جي سڃاڻپ خليل ۽ زين جي نالن سان ٿي آهي، خليل لانڍي ۽ زين سرجاڻي ٽائون جو رهواسي هو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي غوطي خورن وڏي ڪوششن سان ٻنهي جا لاش ڪڍيا.
هوڏانهن مقامي ماڻهن ۽ سياحن دانهيندي چيو آهي ته گرمين ۽ موڪلن جي ڏينهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ڪينجهر ڍنڍ تي آمد باوجود حفاظتي انتظام نه هجڻ برابر آهن، ڍنڍ تي فوري طور لائف گارڊز جي مقرري ۽ ريسڪيو جون جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
You might also like