خالده چانڊيو قتل ۾ سهولت ڪاري جو الزام، 10 ڄڻا گرفتار

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻُٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ بيدرديءِ قتل ڪيل ناري  خالده عرف روبينا چانڊيو واري قتل ڪيس ۾ سھولت ڪاري جي الزام هيٺ پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي سخت هدايتن تي ٽنڊومستي پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪارروائي ڪري ناري روبينا چانڊيو ڪيس ۾ قاتلن جي سھولتڪاري ڪندڙ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ محمد سليم چانڊيو، منير احمد چانڊيو، ضمير چانڊيو، جاويد، گهنور چانڊيو، منظور، امداد علي، گلشن ۽ محمد عظيم چانڊيو شامل آهن ايس ايس پي خيرپور موجب جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڳجهو اطلاع ملڻ تي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا جڏهن ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي ملوث ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.