هارين جا ٻار وڏن عهدن تي پهتل آهن،سردار شاهه معافي وٺي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مختلف پارٽين جي اڳواڻن چيو آهي ته هن وقت تائين وڏي تعداد ۾ سنڌ جي هارين ۽ مزدورن جا ٻار سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري وڏن عهدن تي پهتل آهن. هارين جي ٻارن کي نااهل قرار ڏيڻ واري بيان تي تعليم واري وزير سردار شاهه کي معافي وٺڻ گهرجي. عوامي آواز جي ڪيل سروي  دوران ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري هارين جي ٻارن جي تعليم بابت سردار شاهه جي ڏنل بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جا وزير، مشير ۽ ڀوتارن اقتدار ۽ دولت جي نشي ۾ هاري ۽ ان جي اولاد کي ڪمتر سمجهن ٿا. سردار شاھ جو بيان جاگيردار طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته سردار شاهه جي مصنوعي ذهانت ۾ ڪابه ڊگري ناهي ٿيل نه ئي هن اهو بيان ڏيڻ کان پهرين اهو مناسب سمجهو ته پاڪستان جي مصنوعي ذهانت جي ماهرن کان ڄاڻ وٺجي. مصنوعي ذهانت دنيا جي جديد ترين علمن مان هڪ علم آهي. جنهن جي مهارت سان ملڪن جو دفاع، جديد ترين طريقن سان بيمارين جي تشخيص، روبوٽيڪس، ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جهڙا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهڙي شعبي ۾ سنڌ جي هارين جي ٻارڙن کي همٿائڻ بدران انهن جو مذاق اڏائڻ آهي. هن چيو ته تعليم واري وزير کي ان بيان جي معافي وٺڻ گهرجي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪي به سي ايس ايس آفيسر پڙهي لکي وڏي مقام تي پهتا آهن اهي هاري جا ٻار ئي آهن. بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي به هڪڙي غريب خاندان مان پيدا ٿيو. سردار شاهه جي اهڙي بيان کي سنڌ هاري ڪميٽي رد ڪري ٿي. اهڙي بيان تي سنڌ جي هارين کان سردار شاهه کي معافي وٺڻ گهرجي. سردار شاهه وزير ٿي اهڙا بيان ڏئي ٿو جنهن سان سنڌ جي ماڻهن کي وڏو ڏک پهتو آهي. هاري. پورهيت. مزدور طبقن جا ٻارن جيڪي پڙهيل لکيل کيپ نڪتي آهي اهي ئي سي ايس ايس آفيس ٿيا آهن، عوامي ورڪرز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلهو چيو ته مارڪس جو جملو آهي ته "دي ايجوڪيٽر مسٽ بي ايجوڪيٽيڊ” مطلب پڙهائڻ وارو پاڻ پڙهيل لکيل هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ته اهو به انهن حڪمرانن لاءِ وڏو سوال آهي ته اهي ٻاهر ڇو آهي. هن چيو ته هي حڪمران ته بنيادي تعليم ئي نٿا ڏئي سگهن ته اهي پنهنجون خاميون ٻارن تي ڇو ٿا هڻن. هن چيو ته سردار شاهه کي چوان ٿو ته اهڙيون حالتون به توهان جون پيدا ڪيل آهن. هاري جي ٻارن کي جيڪو علم آهي ته اهو ماحول جي حساب سان آهي. پهريان سردار شاهه پاڻ تعليم حاصل ڪري پوءِ مسڪين هارين جي ٻارن کي چوي باقي اجايون خبرون نه ڪرڻ گهرجن. نامياري دانشور ۽ سياسي اڳواڻ ابرار قاضي چيو ته سردار شاهه جي ڳالهه ٻڌي وڏو افسوس ٿيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ تي 2008 کان وٺي حڪمراني ڪندي پئي اچي ان جا چڱا مڙسن چون ٿا ته هي قوم پڙهي ڇا ڪندي اهي اڻپڙهيا هجن ته جيئن پيپلز پارٽي جي چڱن مڙسن جي حڪومت اڃا اسان تي 20 سال قائم رهي هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي تعليم واري وزير سردار شاھ جي  بيان تي انتھائي افسوس جو اظهار ڪندي چيو پيپلزپارٽي جي حڪمرانن کي سنڌ جي ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن سان ڪا بہ دلچسپي ناهي. ھنن کي صرف اقتدار سان محبت ۽ پيار آهي. ھنن سدائين غريب ئي مسڪين ماڻهن سان نفرت ڪئي پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌ جو ھاري ۽ مزدور طبقو سجاڳ ۽ خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي،ٽريڊ يونين اڳواڻ ناصر منصور چيو ته هارين جي ووٽن سان چونڊجي ايندڙ ن وٽ هارين جي ترقي لاءِ ڪجهه ناهي،پروفيسر توصيف احمد چيو ته سردار شاهه هارين جي توهين ڪئي آهي،جديد دور ۾ هارين کي ٽيڪنالاجي کان پٺتي رکڻ ناانصافي آهي

ننگرپارڪر ۽ اوٻاوڙي ۾ هارين جي ٻارن کي اي آءِ جي ڪهڙي خبر؟ سردار شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته مصنوعي ذهانت بابت جيڪا شيءِ اڄ اسان جو ڪم  آسان بڻائي رهي آهي، اها مستقبل ۾ اسان کي ڪهڙين مشڪلاتن سان منهن ڏياري سگهي ٿي، ان تي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو، ننگر پارڪر ۽ اوٻاوڙي ۾ هارين جي ٻارن کي اي آءِ جي ڪهڙي خبر،سٺو آهي ته هو آرٽيفشل انٽليجنس کان بچيل آهن،اهو ڪهاڙي کي ڇڏي هڪدم ڪمپيوٽر کي پڪڙيندو ته ان کي شيون سمجهڻ ۾ مشڪلات ٿيندي،اسان اي آءِ جو ذميواراڻو استعمال چاهيون ٿا،هن چيو ته هن وقت اي آءِ جي حق ۾ جيترو بحث آهي ان کان ٽيڻ تي مخالفت ۾ بحث هلي رهيو آهي،ٻار کي اي آءِ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو،ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته مصنوعي ذهانت حملو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اسان کي دفاع بابت سوچڻو پوندو, هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس اسان جي سوچ، تخليقي صلاحيتن، مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت ۽ فڪر جي انداز کي متاثر ڪري رهي آهي، تنهنڪري ايندڙ نسلن کي صرف ٽيڪنالاجي نه، پر انسانيت، فطرت، مشاهدي ۽ تخليقي شعور سان به ڳنڍيل رکڻ انتهائي ضروري آهي۔هن اها ڳالهه انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي ۾ منعقد ٿيل ڇهين نيشنل ايجوڪيشن سمٽ 2026 جي اختتامي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي۔ هن چيو ته جيڪڏهن ٻارن کي قدرت، زمين ۽ حقيقي زندگيءَ جي تجربن سان نه ڳنڍيو ويو ته اي آءِ سندن سوچ تي حاوي ٿي ويندي،هن چيو ته مستقبل جي اصل انٽيليجنس اها آهي ته ٻار کي زمين، فطرت ۽ ان جي خوبصورتي سان ڳنڍيل رکيو وڃي، اسان کي اهڙي نسل تيار ڪرڻي آهي جيڪا ٽيڪنالاجي استعمال ڪري، پر انسانيت نه وساري۔ جيڪڏهن ٻار صرف اسڪرينز تائين محدود ٿي ويا ته سندن تخليقي صلاحيتون متاثر ٿينديون۔هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي، پر انساني شعور، جذبن ۽ تجربي جو متبادل نٿي بڻجي سگهي۔ ايندڙ وقت ۾ ڪامياب اهو ئي ٿيندو، جيڪو تخليقي، تنقيدي ۽ عملي سوچ رکندڙ هوندو۔سردار علي شاهه زور ڀريو ته تعليم کي مقامي حقيقتن، ماحول ۽ انساني قدرن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو ۽ ٻارن ۾ سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ تحقيق جي عادت پيدا ڪرڻي پوندي۔ هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ استادن جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي ۽ ٽيڪنالاجي انسان جي مددگار هجڻ گهرجي، انسان جو متبادل نه۔

سوئيڊن حڪومت طرفان اسڪولن ۾ ڪتابن ۽ روايتي پڙهائي ڏانهن واپسي

اسٽاڪهوم (م ڊ) سوئيڊن جي حڪومت تعليم جي شعبي ۾ نوان ۽ وڏا قدم کڻي اسڪول سسٽم ۾ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن، جن جو مقصد شاگردن جي پڙهائي جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي، رپورٽن موجب سوئيڊن جي حڪومت اسڪولن ۾ اسڪرين جي استعمال کي گهٽائي روايتي پڙهائي ڏانهن واپسي جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت ڪلاس رومن ۾ موبائل فون تي مڪمل پابندي لڳائي ويندي ۽ شاگردن کي ڪتابن، نوٽ بُڪن ۽ هٿ سان لکڻ واري طريقي ڏانهن واپس آندو ويندو، حڪومت جو چوڻ آهي ته وڌندڙ  اسڪرين ٽائيم سبب شاگردن جي ڌيان، پڙهڻ جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي هئي، نئين پاليسي تحت جديد نصاب، نئين گريڊنگ سسٽم ۽ ٽيچرز جي ٽريننگ کي به بهتر بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ پڙهائي جي معيار کي وڌائڻ لاءِ ڪتابن جي فراهمي ۽ لائبريرين کي به مضبوط ڪيو پيو وڃي، سوئيڊن جو هي قدم تعليم ۾ ٽيڪنالاجي ۽ روايتي طريقي جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سويڊن ڪلاس رومن ۾ وڏي تبديلي لاءِ 100 ملين يورو کان وڌيڪ رقم رکي  آهي، سويڊن جي تعليم واري وزارت موجب سرڪاري انگن اکرن ۽ تازين تحقيقن مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪلاس ۾ ڊگهي وقت تائين اسڪرين استعمال ڪرڻ سان ڌيان گهٽجڻ، پڙهڻ جي سمجهه ڪمزور ٿيڻ ۽ تنقيدي سوچڻ جي صلاحيت گهٽجڻ سان لاڳاپو مليو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.